اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا پاران صحافين جي تحفظ لاءِ سمري سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪيل ل جا تفصيل سامهون اچي ويا، پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينا صحافين جي تحفظ لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن ايڪٽ جي منظوري ڏني آهي، جنهن تحت هر صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز کي آرٽيڪل 9 ۾ ڏنل سيڪيورٽي جو حق آهي، صحافين کي تڪراري علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جو حق به حاصل آهي، انهن کان ذريعا جو نه ٿو پڇي سگهجي، ٽارگيٽ يا حراسان نه ٿو ڪري سگهجي، صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميشن جوڙي ويندي، صحافين لاءِ جنرلسٽ ويلفيئر اسڪيم شروع ڪئي ويندي، بل موجب هر ميڊيا مالڪ صحافين لاءِ تحريري صحافتي پاليسي ۽ تحفظ ڏيندو، ميڊيا جا ادارا پنهنجي ڪنهن صحافي، ڪيمرا مين کي ڌرڻي يا ڪنهن اهڙي هنڌ موڪليندا ته تحفظ جا اوزار ڏيڻ جا پابند هوندا، نقصان جو ادارو ذميوار هوندو، فواد چوڌري چيو ته ميڊيا جي مسئلن کي ٻڌڻ لاءِ هڪ اٿارٽي قائم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته عيد کان پهريان حڪومت ميڊيا کي 40 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا آهن، جيئن صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن کي پگهارن جي ادائگي ۾ مسئلو نه ٿئي، جڏهن ته اهو بل 5 حصن تي ٻڌل آهي، ان بل ۾ صحافين جي حقن، تربيت، انشورنس بابت تجويزون شامل آهن، ان بل ۾ هڪ ڪميشن قائم ڪرڻ جي شق شامل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ فيڊرل يونين آف جرنلسٽس، نيشنل پريس ڪلب، انساني حقن جي وزارت سوڌو سڌ سماءَ جي وزارت جا نمائندا شامل هوندا، ڪميشن صحافين کي ملندڙ ڌمڪين، تشدد جي ڪارروائين، قتل، پرتشدد حملن، بنا جواز گرفتاريون، نظربنديون، حراسان ڪرڻ جي شڪايتن جي جاچ ڪري سگهندي.