سنڌ ۾ 60 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، آءِ جي سنڌ جو اهم اعلان

0
256
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

سنڌ سرڪار مڪاني ۽ ضمني اليڪشن توڙي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

گهروکاتي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ 26 جون تي مڪاني چونڊن جي پهرين، 24 جولائي تي ٻئين مرحلي، اين اي 245 تي ننڍي چونڊ ۽ عيدالاضحيٰ تي هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي

پابندي 60 ڏينهن لاءِ لڳائي وئي آهي، جيڪا آءِ جي سنڌ جي سفارش تي به لڳائي وئي آهي

نوٽيفڪيشن موجب ايس ايچ اوز پابندي تي عمل ڪرائين، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن

ھي به پڙھندا

ضمني چونڊن دوران امن امان ۾ خلل وجھڻ جهڙا واقعا مڪاني چونڊن ۾ نه ٿيڻ گھرجن: وڏو وزير