ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ آگسٽ جي پهرين هفتي ۾  برسات جي اڳڪٿي ، 5 کان 8 آگسٽ تائين سڄي  سنڌ ۾ وسڪارو ٿيندو، موسميات کاتي موجب ايندڙ ٽن ڏينهن تائين ڪراچي، ٺٽي، بدين، سجاول ۽ ٿرپارڪر ۾ جهڙ ڦڙ جاري رهي سگهي ٿي، جڏهن ته 5 کان 8 آگسٽ تائين هڪ برساتي سلسلو اوڀر سنڌ کان اڳتي وڌندو، جيڪو ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، خيرپور کان ٿيندو ڪراچي پهچندو،  6 آگسٽ تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، سميت ٻين علائقن ۾ وسڪارو ٿي سگهي ٿو، موسميات کاتي مطابق برسات تيز هوندي يا گهٽ؟  انهي بابت هن وقت ڪجهه چئي نٿو سگهجي،اهو ايندڙ ٻن ڏينهن کانپوءِ واضح  ٿيندو.