ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ جولاءِ مهيني ۾ پوندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي ۽ فوتين جو انگ 127 ٿي ويو آهي. رپورٽن موجب چاغي ۽ مستونگ ۾ 3، جڏهن  ته ڊيرا بگٽي ۾ وڌيڪ هڪ شخص فوت ٿي ويو، صوبي ۾ تيز برساتن سبب 13500 گهر متاثر ٿيا، جڏهن ته بجلي جا 140 ٿنڀا ڪِري چڪا آهن. طوفاني برساتن سبب قلعي سيف الله ۽ لسٻيلي ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي، جتي برساتن جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽو، اوٿل ۾ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ ڪيترائي گهر لُڙهي ويا. توبه اچڪزئي، مستونگ، خضدار ۽ ڪوئيٽا ۾ فصل تباهه ٿيڻ سبب هارين کي وڏو نقصان پهتو، آوران، واشڪ ۽ بسيمه سميت مختلف علائقن ۾ موبائل فون سروس متاثر آهي، جنهن سبب متاثر مواصلاتي رابطن کان به محروم آهن. هوڏانهن لسٻيلي ضلعي ۾ ٻوڏ متاثر 8 ڏينهن کانپوءِ انتظاميا جي امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن، منتشر آبادي تائين امداد پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ٻوڏ جي وهڪرن سان سوين گهر ۽ زرعي ايراضي به تباهه ٿي وئي آهي، نوشڪي ۾ هر هنڌ تباهيءَ جا منظر آهن ۽ شهرين محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.