ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف کاتن ۾ ڪرپشن، اسپتالن ۾ غير معياري دوائن ۽ ٿر ۾ ٻارڙن جي موت بابت جاچ ڪرائڻ لاءِ ملير بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ايڊووڪيٽ اشرف سمون سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل معاملن جي جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي جاچ ڪرائي وڃي، ٿر ۾ 500 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، جنهن جي ڪارڻن جي پڻ جاچ ڪرائي وڃي، درخواست موجب سرڪاري اسپتالن ۾ غير معياري دوائن جي خريداري ۽ فنڊز ۾ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، جنهن جي پڻ جاچ ڪرائي وڃي، پٽيشنر ڄاڻايو ته صوبي ۾ آر او پلانٽس منصوبي جي نالي تي هڪ ڪمپني کي اربين رپين جو فائدو ڏنو ويو، عدالت کي استدعا آهي ته آر او پلانٽ منصوبن جي جاچ ۽ صاف پاڻي جي فراهمي جو حڪم ڏنو وڃي. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٿر ۾ ڪوئلي منصوبي جي نالي تي مقامي ماڻهن جي زرعي زمين تي قبضا ڪيا ويا آهي، ماڻهن کي بنا ڪنهن معاوضي جي بيدخل ڪيو ويو آهي، عدالت ٿر ۾ ماڻهن کي معاوضو ڏيڻ کانسواءِ بيد خلي کان روڪي، اسلام ڪوٽ جي گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن کي معاوضو ادا ڪيو وڃي. درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته سنڌ جي سمورن کاتن ۾ ترقياتي منصوبن تي 60 سيڪڙو ڪميشن ورتي ويندي آهي، وزير، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ لاڳاپيل آفيسر ڪميشن وٺڻ جا ذميوار آهن، ڪميشن وٺندڙن خلاف جاچ ڪرائي، ملازمت تان برطرف ڪري کين مستقل طور تي نااهل قرار ڏنو وڃي، ڪراچي جون سرڪاري زمينون جعلي داخلا ذريعي خانگي ملڪيت ظاهر ڪري وڪرو ڪيون پيون وڃن ، انهن زمينن جي سموري جعلي داخلا به رد ڪئي وڃي.