ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان برسات پئي، هيٺانهن وارن علائقن سميت مين روڊن تي به پاڻي بيهجي ويو، بجلي جا 500 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، گرمي جي ستايل ماڻهن جي سمنڊ تي رش نظر آئي، موسميات کاتي جي ڪيل  اڳڪٿي مطابق ڪالهه به ڪراچي ۾ برسات جو وسڪارو جاري رهيو، ڪراچي جي ستن ئي ضلعن جي چئني طرفن کان بادل وسي پيا، جنهن کانپوءِ ڪراچي جي سائيٽ ايريا، شاهراهه فيصل، شاهراهه پاڪستان، ايم اي جناح روڊ، گورا قبرستان کان ڊفينس ڏانهن ويندڙ روڊ، اورنگي ٽائون، نارٿ ڪراچي، يوسف ڳوٺ، ڪياماڙي، شيرشاهه، مهاجر ڪيمپ، ڊفينس جي مين خيابان اتحاد روڊ، سي ويو روڊ، عبدالله شاهه غازي جي مزار ڀرسان ڊفينس ڏانهن ويندڙ روڊ‏، ڪورنگي ۽ قيوم آباد سميت ڪيترن ئي اهم روڊن تي پاڻي بيهجي ويو هو، جنهن سبب رهواسي سخت پريشان هئا، اسڪولي شاگردن کي کڻي ويندڙ وين ۽ سوزوڪي پڻ گلستان جوهر واري علائقي ۾ برساتي پاڻي ۾ ڦاسجي پيون هيون، جنهن سبب شاگردن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، هوڏانهن ڪالهه برسات کانپوءِ بجلي بند ٿي وئي، ڪي اليڪٽرڪ جي 1900 فيڊرن مان 500 فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري شهر ۾ ڪيترائي ڪلاڪ بجلي بند ٿي وئي هئي، جيڪا شام جو پنجين وڳي کانپوءِ بحال ٿي سگهي هئي، جڏهن ته شهرين جو وڏو انگ ڪالهه پنهنجي فيمليز سميت سمنڊ ڪناري پهتل هو، جتي موسم مان شهري لطف اندوز ٿي رهيا هئا، ٻئي طرف موسميات کاتي پاران برسات جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سڀ کان وڌيڪ برسات سعدي ٽائون واري علائقي ۾66.7 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، يونيورسٽي روڊ تي55.7، نارٿ ڪراچي ۾35.4، سرجاني ٽائون ۾ 38.8، ڊي ايچ اي ۾ 21.2، پراڻي ايئرپورٽ تي 49 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، اهڙي ريت سڀ کان گهٽ برسات قائد آباد ۾28.2ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ڪراچي ۾ برسات بعد ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب شهر جي دوري تي نڪري پيو، برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندڙ ڪامورن کي هٽائي ڪاروائي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان ڪالهه مرتضيٰ وهاب شهر جي مختلف علائقن لياقت آباد، ٽي هٽي، ميٽرول پول روڊ، لسٻيلي، يونيورسٽي روڊ، ڪريم آباد. ڪراچي جيم خانه ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري برساتي پاڻي نيڪال لرڻ جي انتظامن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب ڳالهائيندي چيو ته جن ڪامورن به برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ درست انتظام نه ڪيا ته انهن کي هٽائي سندن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ ڪٿي به برساتي پاڻي نظر نه اچڻ گھرجي، عملي کي الرٽ رکيو وڃي، ٽريفڪ رواني کي به متاثڙ ٿيڻ نه ڏنو وڃي، مرتضيٰ وهاب ان موقعي تي شهرين سان ملاقاتون ڪري کانئن نيڪال واري نظام جا تفصيل به ورتا. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، سٽي وارڊن، ٽريفڪ ۽ ٻيا ادارا گڏجي ڪم ڪن، چوڪنگ پوائنٽس واري هنڌن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. برسات کانپوءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت گرمي کانپوءِ برسات جو وسڪارو ٿيو. برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو جڏهن ته اڪثر علائقن جي حيسڪو پاران بجلي بند ڪئي وئي. شهري سخت پريشان رهيا. لطيف آباد، قاسم آباد، سٽي ۽ ٻهراڙي واري تعلقي ۾ برسات کانپوءِ رستن تي ٽريفڪ پڻ گهٽ ٿي. سيوھڻ ۾  حضرت لعل شھباز قلندر جي نگري سيوھڻ  شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽي جي تيز طوفان بعد ھلڪي ۽ تيز برسات پوڻ جو وسڪارو وقفي سان جاري رھيو جنهن ڪري شھر جا ھيٺائين وارا علائقا ۽ جايون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن. ٻئي طرف برسات سبب ووڻن جي فصل کي سخت نقصان جو انديشو آهي. قاضي احمد شھر ۽ آسپاس جوڻا موري، مشاخ اسٽاف سميت ٻين ڳوٺن ۾ طوفان سان تيز برسات پئي.دوڙ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. ميرپور ساڪري ۽ ڀرپاسي  برسات سبب  موسم خوشگوار ٿي وئي. جمال شاھ ۽ ڀرپاسي جي علائقن اصغر آباد، لنڊي شاخ، ھبيري ۽ شيرعلي شاھ ۾ برسات جو تيز وسڪارو ٿيو.سڪرنڊ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ تيز برسات پوڻ سبب گٽر نالا اٿلي پيا.جهوڪ شريف ۾ تيز هوا سان گڏ برسات سبب  بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. دڙو ۾ تيز طوفاني برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته برسات سبب مختلف علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي. سجاول ۾ برسات ۾برسات سبب  هيٺانهين واراعلائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.  ٺٽو ، مڪلي سميت ضلعي جي ڪوهستاني شهرن جھمپير ، جنگشاهي ۽ ڀرپاسي برسات جو سلسلو جاري رهيو. برسات جي پوڻ سان ئي ٺٽو ، مڪلي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي.