ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ روٽيشن پاليسي تحت سنڌ جي 6  ڊي آءِ جيز جي ٻين صوبن ۾ بدلين خلاف داخل درخواست تي پٽيشن جي ڪاپي وفاقي سرڪار جي وڪيل  کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 23 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ڊي آءِ جي فدا مستوئي، عرفان بلوچ، اقبال دارا، منير شيخ جونيئر، منير شيخ سينيئر ۽ قمر الزمان جي ٻين صوبن ۾ ۾ بدلين خلاف اسٽي ۾ به ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ  درخواستگذار جي وڪيل کان پڇيو ته آفيسرن جون ٽرانسفر ۽ پوسٽنگز ( بدليون ۽ مقرريون) ٿينديون رهنديون آهن، پٽيشنر کي تحفظات ڇو آهن؟ جنهن تي پٽيشنر جي وڪيل بيرسٽر صلاح الدين چيو ته هي عوامي مفاد جو ڪيس آهي، اسان چاهيون ٿا ته هن ڪيس جو فيصلو پڻ اي ڊي خواجا ڪيس جي روشني ۾ ٿئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن فيصلن موجب  آءِ جي سميت پوليس آفيسرن جي وفاق ۽ صوبن ۾ بدلين لاءِ ٻنهي جو صلاح مشورو هجڻ گهرجي، وڪيل وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي اعجاز شيخ جي عمر ڪوٽ ۾ پوسٽنگ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ کي اعتراض هو، حليم عادل ۽ ٻين ايم پي ايز جي شڪايت تي وفاقي حڪومت اعجاز شيخ کي پنجاب بدلي ڪري ڇڏيو،اها بدلي سنڌ حڪومت سان صلاح مشوري کانسواءِ ڪئي وئي، جيڪا عدالتي فيصلي جي ابتڙ آهي، جنهن تي وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته اعجاز شيخ خلاف عوامي شڪايتون هيون، انهي ڪري کيس  بدلي ڪيو ويو، جنهن تي عدالت چيو ته ڪنهن آفيسر کان شڪايت آهي ته انڪوائري بعد ئي  کيس گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، شڪارپور ۾ پوليس جي بدلين جو ڪيس هو، ان جو ڪو فيصلو ٿيو آهي؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي ڪيس ۾ فيصلو آيو ته بدلي لاءِ ٻنهي حڪومتن جو صلاح مشورو هجڻ گهرجي. عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 23 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.