اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪو به ملڪ غريبن جي سمنڊ سان گڏ ترقي نٿو ڪري  سگهي، نئون پاڪستان جدوجهد، نظام ۽ ذهنيت جي تبديلي جو نالو آهي جنهن لاءِ وقت لڳندو، اسلام آباد ۾ ڪنسٽرڪشن ايڪسپو 2021ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻه سال لڳائي عدالتن مان فور ڪلوزر منظور ڪرايو هاڻي بينڪن کي گهرن جي فنانسنگ لاءِ رستو کلي ويندو، پوءِ اسان جي 22 ڪروڙ آبادي اثاثو بڻجي ويندي، ڇو ته طلب ۾ اضافو ٿيندو جنهن بعد صنعت ترقي ڪندي. هن چيو ته منهنجي حڪومت جي ڪوشش آهي ته غريبن کي مٿي آڻيون، هندستان ۽ چين 35 سال اڳ هڪ ئي هنڌ هئا پر اڄ چين آسمانن تي آهي ڀارت ۾ غربت جو سمنڊ آهي، وزيراعظم چيوته پاڪستان کي جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته مديني جي رياست آهي اسان جي پيغمبر صه ثابت ڪيو جنهن قوم جي دنيا ۾ ڪا حيثيت نه هئي ان کي ٺاهيو ۽ پوءِ پوري دنيا جي امامت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هيٺين طبقي لاءِ ڪا به پاليسي نه ٺاهي وئي، انگلش ميڊيم ننڍي طبقي لاءِ ۽ ٻين لاءِ تعليم جو الڳ نظام ٺاهيو ويو. نوڪريون مٿئين طبقي لاءِ هيون. هن چيو ته جڏهن سڌارا آڻيندا آهيون ته وقت لڳندو آهي بٽڻ دٻائڻ سان نئون پاڪستان نه ٺهندو پر جدوجهد، سسٽم تبديل ۽ مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻ جو اهو نالو آهي اهو شروع ٿي ويو آهي، هن چيو ته هاڻ به رنڊڪون آهن پر ٻن سالن جي مقابلي ۾ گهٽ آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت جو ڪم آهي ته صنعت لاءِ آسانيون پيدا ڪري پر اوهان جو ڪم آهي ته ٽيڪس ڏئي حڪومت جي مدد ڪريو ته جيئن انفرا اسٽرڪچر ٺيڪ ڪريون، عوام جي تعليم، صحت ۽ بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهون.