ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پاڪستان ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي، اسان سڀني جو مقصد پاڪستان کي بچائڻ ۽ معشيت کي بهتر ڪرڻ آهي،   ڪالهه هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو عمران خان آهي، هن پاڪستان ۽ پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچايو آهي، هن چيو ته عمران خان ڪارڪنن کي جيل ڀرڻ لاءِ چئي پاڻ وري ضمانت لاءِ عدالت  پهچي ٿو،  مرتضي وهاب چيو ته مون صبح جو جيل انتظاميا ۽ آءِ جي سنڌ کان پڇيو ته سنڌ ۾ ڪيترا لک ماڻهو جيل ويا آهن، پي ٽي آءِ جا ڪيترا   ڪارڪن گرفتار ٿيا آهن؟ جنهن تي آءِ جي سنڌ جواب ڏنو ته اسان پاڻ ڳولي رهيا آهيون پر اڃا ڪو ماڻهو ناهي مليو، آءِ جيل به  چيو ته هڪ به ماڻهو جيل ۾ ناهي آيو، هن چيو ته اسان جيلن ۾ تياريون ڪري ڇڏيون آهن، سڀ سهولتون ڏينداسين