ڪراچي (م ڊ) پاڪستان کي چين وٽان 70 ڪروڙ ڊالرز ملي ويا آهن، جنهن بعد مُلڪي مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا 4 ارب ڊالر جي ويجهو پهچي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ ذريعن موجب رقم چائنا ڊيولپمينٽ بئنڪ طرفان رول اوور معاهدي کانپوءِ ملي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاهدو ٿي چڪو آهي. ذريعن موجب رقم ملڻ سان پاڪستان جا مٽاسٽا ذخيرا 4 ارب ڊالرز جي ويجهو پهچي ويا آهن.