باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جو مشھور لوڪ فنڪار محمد وارث عرف واسو گاجاڻي گھڻو عرصو بيمار رھڻ بعد 70 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ان ڏس ۾ مشھور لوڪ فنڪار محمد وارث عرف واسو گاجاڻي گھڻو عرصو شگر جي مرض سان جھيڙيندي سکر جي خانگي  اسپتال ۾ 70 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مڙهه  ايمبولينس ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي دنگ تي قائم اباڻي ڳوٺ رستم گاجاڻي ۾ آندو ويو، جتي مرحوم محمد وارث عرف واسو گاجاڻي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، شھرين، صحافين مٽن مائٽن،  دوستن ۽ پاڙيسرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنھن مرحوم کي آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،   لوڪ فنڪار محمد وارث عرف واسو گاجاڻي بلوچستان جي ضلعي صحبت پور جي ننڍڙي ڳوٺ رستم ۾   ھاري لوڪ فنڪار صاحب خان گاجاڻي جي گھر ۾ 1965 ۾ جنم ورتو، ھن جو ننڍپڻ   ڳوٺ ۾ گذريو، وڏو ٿي ھن پوليس کاتي  ۾ پورچي طور ڀرتي ٿيو رٽائرٽمينٽ بعد ھن   ڳائڻ شروع ڪيو، ملڪ جي سياستدانن تي تنقيدي ھن جو ھڪ ڪلام مشھور ٿيو، جنھن ڪلام ھن کي شھرت جي بلندين تائين پھچايو، جنھن بعد محمد وارث عرف واسو گاجاڻي  ملڪ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ سڃاتو ويندو ھو.