ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ مليريا، ڊينگي، ڪالرا جي ڪيسن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ، 6 مهينن اندر 50 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ جو انڪشاف، رڳو مليريا جا 49 هزار 111، ڪالرا جا 414 ۽ ڊينگي وائرس جا 1315 ڪيس ظاهر ٿيڻ جي سرڪاري سطح تي به تصديق، مليريا پروگرام جي اختيارين مڪاني  کاتي کي ڪيس وڌڻ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ ۾ مليريا، ڊينگي ۽ ڪالرا جا 6 مهينن  ۾ مجموعي طور تي 50 هزار کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ مليريا جا 560، ٽنڊي الهيار ۾ 288، مٽياري ۾ 295، ٽنڊي محمد خان ۾ 2883، بدين ۾ 4301، خيرپور ۾ 1211، شهيد بينظيرآباد ۾ 552، نوشهروفيروز ۾ 306، ميرپورخاص ۾ 2361، عمرڪوٽ ۾ 4781، ٿرپارڪر ۾ 555، سانگھڙ ۾ 266، سکر ۾ 132،  شڪارپور ۾ 585، گھوٽڪي ۾ 234، جيڪب آباد ۾ 743، ڪشمور ۾ 442، لاڙڪاڻي ۾ 3260، قمبر ۾ 3624، دادو ۾ 368، ڄامشورو ۾ 165، ڪراچي  ۾ 545، ٺٽي ۾ 14821 ۽ سجاول ضلعي ۾ 633  ڪيس ظاهر ٿيا آهن. صحت کاتي موجب سنڌ ۾ 6 مهينن دوران ڪالرا جا 414 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنوري ۾4، فيبروري ۾ 15، مارچ ۾ 73، اپريل ۾ 127، مئي ۾ 106، جون ۾ 62 ۽ جولاءِ ۾ 27 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. صحت کاتي موجب  6 مهينين اندر صوبي ۾ ڊينگي وائرس جا 1315 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڪراچي ۾ ڊويزن ڊينگي سبب سخت متاثر ٿي ڪراچي ڊويزن ۾ 1021، حيدرآباد ڊويزن ۾ 54، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 209، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 14، سکر ڊويزن ۾ 9 ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 8 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان حوالي سان مليريا ڪنٽرول جي پروگرام مينيجر ڊاڪٽر تيرٿ داس “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو  ته مليريا ڪيسن ۾ واڌ برسات جي بيٺل پاڻي سبب ٿي رهي آهي،  هن وقت مڇر مار مهم هلي رهي آهي پر برساتن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ صحت کاتي جو ڪم ناهي، اسان مڪاني کاتي کي خط لکي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.