ڪراچي (م ڊ) يورپين پارليامينٽ جي 14 ميمبرن والاريل ڪشيمر ۾ قابض ڀارتي فوج طرفان انساني حقن جي پائمالي ۽ ڀڃڪڙين تي يورپي ڪميشن جي صدر ڏانهن خط لکيو آهي.يورپين پارليامينٽ جي ميمبرن والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي ڳڻتي ۽ خدشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر يورپين ڪميشن جي نالي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته والاريل ڪشمير جي ماڻهن 7 ڏهاڪن  کان ڀارتي حڪومت جي ظلم ۽ بربريت جو شڪار آهن، ڀارتي هٿياربند فوج ڪشميرين جي آواز دٻائڻ لاءِ بنيادي انساني حقن جي کُلي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته والاريل ڪمشير جي تمام وڏن شهرن ۾ انٽرنيٽ جي مسلسل بندش گذريل سال کان جاري آهي ۽ ڪيئي صحافين کي آزادي جي تحريڪ بابت رپورٽنگ ڪرڻ تي پڇا ڳاڇا لاءِ کنڀيو ويو آهي، ڀارتي هٿياربند فوج جي ظلمن خطي ۾ ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي. خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته صدر يورپين ڪميشن يورپي پارليامنٽ جي ميمبرن جي خدشن کي ڀارتي حڪومت تائين پهچائي ۽ ڪشميرين خلاف تشدد، غيرانساني ورتاءُ کي فوري طور بند ڪري.