ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) سنڌ رگبي ايسوسي ياشن جي جنرل سيڪريٽري لالا عبدالوحيد خان عباسي چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ رگبي راند کي اها مقبوليت حاصل ناهي جيڪا هجڻ گھرجي. پر هاڻي اسان جي ترجيح هن راند کي هٿي وٺرائڻ آهي. اسي سڀئي گڏجي رگبي راند لاءِ هرممڪن اپاءُ وٺنداسين. سنڌ رگبي جي نئين چونڊيل باڊي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سڄي سنڌ جي سمورين ريجنز ۽ ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن م رگبي راند کي وڌ ۾ وڌ هٿي ڏياري ويندي. اجلاس ۾ چيئرمين سنڌ رگبي ايسوسي ايشن ڊاڪٽر عمران علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته رگبي راند کي هٿي ڏيارڻ لاءِ منهنجون خدمتون ۽ اصغر علي اسٽيڊيم هميشه حاضر آهن.