اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته ڀارت ٽيم نه موڪلي ته پاڪستان ڪيئن اماڻيندو؟  اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهايئندي نجم سيٺيءَ چيو ته افغانستان خلاف اسان پنهنجي ٽاپ پليئرز کي آرام ڏنو ۽ سيريز لاءِ اي ٽيم کي اماڻيو هو، ڇو جو اسان پنهنجي نوجوانن کي ٽيسٽ ڪرڻ ٿي چاهيو. نجم سيٺي وڌيڪ چيوته سيريز جي ٽيسٽ ۾ ڪجهه ماڻهو فيل ٿي ويا ۽ ڪجهه ڪامياب، پر اها به حقيقت آهي ته دبئي ۽ پي ايس ايل وارين پچز ۾ وڏو فرق آهي. هي هڪ ڪامياب تجربو هو ڇو جو ٽيم سان مقامي ڪوچز هئا ۽ ڪو پرڏيهي نه هو.