لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اسٽار فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جو انگلش ڪائونٽي ناٽنگهم شائر سان معاهدو ٿي ويو آهي، هو هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ ناٽنگهم آئوٽ لاز جي نمائندگي ڪندو. شاهين شاهه هلندڙ سال ويهه مئي کان شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ ناٽنگهم آئوٽ لاز طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو. شاهين کانسواءِ نيوزيلينڊ جو ٽاپ آرڊر بيٽر ڪولن منرو به غير مُلڪي رانديگر طور ناٽنگهم آئوٽ لاز جو حصو آهي.