ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ڪيل سافٽ ويئر انجنيئر محمد راشد سميت ٻين مسنگ پرسنز ( کنڀيل ) کي 11 سيپٽمبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  عدالت گم ٿيل شهري عثمان غني جي ڀاءُ کي ملير جيل جو دورو ڪرائڻ ۽ جيل ۾ هر هڪ قيدي سان ملائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه مسنگ پرسنز ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور رينجرز جي وڪيل کان پڇيو ته گم ٿيل ماڻهن کي ڪير واپس آڻيندو؟ جنهن تي رينجرز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 1200 گم ٿيل ماڻهن مان صرف 300 رهجي ويا آهن،  جن جو پتو لڳايو پيو وڃي، گم ٿيل ماڻهن جا ڪيترائي فورم بيوس بڻيل آهن،  جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اصل ۾ اهي بيوس ناهن پر اهي ڪم ڪرڻ نه ٿا چاهين، رينجرز جي وڪيل چيو ته گم ٿيل ماڻهن مان ڪيترائي لنڊن، سري لنڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا مان به مليا آهن،  جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور رينجرز جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته پرڏيهه ويندڙ ماڻهو پنهنجن وارثن سان ته رابطو ڪندا هوندا، ڇا ادارا انهن رابطن جي به جاچ نه ٿا ڪري سگهن؟، گهٽ ۾ گهٽ اهو ٻڌايو ته همراهه پاڻ هليو ويو آهي يا نه؟ عدالت گم ٿيل سمورن ماڻهن کي 11 سيپٽمبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن گم ٿيل شهري عثمان غني جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالتي ڪمري ۾ جنن جو پڻ ذڪر ٿيندو رهيو. ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهري عثمان غني جي گهر وارن ٻڌايو آهي ته هو جيل ۾ آهي، جڏهن ته جيل مان معلوم ڪيو آهي هو اتي موجود ناهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور جاچ آفيسر کان پڇيو ته گم ٿيل شهرين جي وارثن کي ڪيئن پتو پيو ته هو جيل ۾ آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته عثمان غني جي گهر وارن ٻڌايو آهي ته انهن کي جنن ٻڌايو آهي ته هو ملير جيل ۾ آهي،  ان موقعي تي گم ٿيل شهري عثمان غني جي ڀاءُ چيو ته جنن سان تعلق رکندڙ شخص ٻڌايو ته هو جيل ۾ آهي،  هن چيو ته جن مون سان به رهن ٿا، انهن مون کي به ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ ملير جيل جي بيرڪ نمبر 9 ۾ آهي. ان موقعي تي عدالت رينجرز پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي چيو ته حبيب صاحب ! اوهان کي ڪم لاءِ ماڻهو ملي ويا آهن، ٻين گم ٿيل شهرين جي ڳولا لاءِ به جنن سان تعلق رکندڙن جي مدد وٺي سگهجي ٿي. عدالت عثمان جي ڀاءُ کي ملير جيل جو دورو ڪرائڻ ۽ جيل ۾ هر هڪ قيدي سان ملائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.