لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي  جي سول لائين ٿاڻي جي حد پراڻي بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ يار محمد ڪالوني جي رهواسڻ ڪبري خاتون  پنهنجي 9 ورهين جي ويڳي پٽ معظم علي کوکر کي رائيس ڪينال ۾ اڇلائي ڇڏيو. غلام اڪبر سول لائين ٿاڻي تي پهچي هن دانهون ڪري زارون قطار روئيندو رهيو ۽ ايس ايڇ او توڙي اهلڪارن کي چوندو رهيو ته منهنجي گهرواري کي گرفتار ڪري پٽ جي ڳولا ڪئي وڃي پر پوليس بغير اين سي کيس موٽائي ڇڏيو. ان موقعي تي نينگر جي پيءُ غلام اڪبر کوکر صحافين کي ٻڌايو ته سال اڳ منهنجي شادي ڪبرا خاتون سان ٿي هئي گهر واري علاج بهاني پٽ معظم سميت شهر وئي ۽ شهر جي اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ هن چيو ته مون کي سستي ٿي رهي آهي ۽ هن جوس گهريو بعد مان جوس وٺي گهر واري وٽ پهتس ته منهنجو پٽ معظم گهر واري سان نه هيو. منهنجي پڇا ڪرڻ تي گھر واري چيو ته خبر ناهي معظم ڪيڏانهن هليو ويو آهي. هن چيو ته اولڊ بس اسٽينڊ واري پل تي موجود ماڻهن ٻڌايو ته ھڪ عورت نينگر کي رائيس ڪئنال ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي بعد ۾ مون گهر واري کي گهر ۾ بند ڪري سول لائين تي پهتس پر پوليس سهڪار نه پئي ڪري ۽ نه ئي پٽ جي ڳولا ڪري رهي آهي پوليس اين سي داخل ڪرڻ بجاءِ مون کي موٽائي ڇڏيو. هن چيو ته منهنجي سس ارشاد خاتون مون سان ۽ منهنجي پٽ کي پسند نه ڪندي آهي جنهن جي چرچ تي گھر واري منهنجي پٽ کي رائيس ڪئنال ۾ اڇلايو آهي. هن مطالبو ڪيو ته پٽ جي ڳولا ڪري گهر واري کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.ٻئي طرف سول لائن پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي عورت جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد گرفتار ڪيو ويندو پوليس جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ٽوٻن جي مدد سان رائيس ڪئنال ما نينگر جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ايس ايچ او سول لائن عبدالرزاق ٽرڳڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت شروعاتي بيان ۾ ٻڌايو آهي  ته نينگر کي پاسو لڳڻ سبب اهو رائيس ڪئنال ۾ ڪري پيو. جنهن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.