قاضي احمد (ن پ ا)  قاضي احمد لڳ چار  ڏينهن اڳ پوليس ڪمانڊو ٽريننگ سينٽر ناصري ۾ سرڪاري رائيفل سان فائرنگ  ڪري خودڪشي ڪندڙ پوليس اهلڪار محمد علي ملاح جي واقعي جي وڏي پئماني تي جاچ شروع ڪئي وئي آھي، ان حوالي سان ڊي آءِ جي ٽريننگ عمران يعقوب ۽ ايس پي شھدادپور ٽريننگ سنيٽر عبدالحميد کوسو کي انڪوائري آفيسر مقرر  ڪيو ويو آھي، جن پوليس ڪمانڊو ٽرينگ سينٽر ناصري پھچي جاچ ڪئي ۽ رڪارڊ چيڪ ڪيو، جڏھن ته معامري جي حوالي سان سينٽر جي وڏي منشي، سيڪيورٽي آفيسر ۽ پوليس اهلڪار کي ھٿيار ڏيندڙ سميت ٻين کي اڄ شھدادپور ٽريننگ سينٽر طلب ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ جاچ آفيسر ايس پي عبدالحميد کوسو فوتي اهلڪار جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي، هوڏانهن واقعي بعد ڪمانڊو ٽرينگ سينٽر ناصري جي ايس پي محمد جمن جويو کي عهدي تان ھٽائي کيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس جاءِ تي نوشھروفيروز جي ايس ايس پي الطاف حسين لغاري کي مقرر ڪيو ويو آھي. ڪمانڊو ٽريننگ سينٽر سڪرنڊ ۾ خودڪشي جا 3 واقعا ٿي چڪا آهن، ڪجھه مهينا اڳ سينٽر جي سوئيپر نبي بخش شيخ ۽ پوليس اهلڪار سڪندر خاصخيلي پڻ خودڪشي ڪئي هئي، جڏهن ته تازو ساڳي ئي سينٽر ۾ پوليس اهلڪار محمد علي ملاح سرڪاري رائيفل سان پاڻ تي فائر ڪري زندگي جو انت آندو.