اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) 139 ارب رپين جي ماليت جي 5 ترقياتي منصوبن کي حتمي منظوري لاءِ ايڪنيڪ کي موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه سي ڊي ڊبليو پي جو اجلاس رٿابندي جي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 139 ارب رپين جي 5 ترقياتي منصوبن کي ايڪنيڪ کي موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي، سي ڊي ڊبليو پي بلوچستان ۾ ايمرجنسي فلڊ اسسٽنٽس پروجيڪٽ (اي ايف اي پي) جي منظوري ڏني، جنهن منصوبي تي ڪل لاڳت 3 ارب 82 ڪروڙ 82 لک ايندي، جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ سنڌ فلڊ ايمرجنسي ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ آبپاشي نظام جي بحالي لاءِ 48 ارب رپين جي منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي ان کانسواءِ خيبر پختون خوا صوبي ۾ فلڊ پروٽيڪشن جي قيام لاءِ 15 ارب جي منصوبي، مورو کان راڻيپور تائين اين 5 جي بحالي لاءِ 36 ارب 21 ڪروڙ ۽ پنجاب صوبي لاءِ آءِ ڊبليو آر پي پي نالي پراجيڪٽ جي به منطوري ڏني وئي آهي، جنهن تي 24 ارب رپين جي لاڳت ايندي، انهن منصوبن کي حتمي منظوري لاءِ ايڪنيڪ موڪلڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، سي ڊي ڊبليو پي 36 ارب 21 ڪروڙ جي لاڳت سان اي ڊي بي جي فلڊ ايمرجنسي قرض تحت مورو کان راڻيپور تائين تباهه ٿيل روڊ ۽ پلين جي منصوبي جي سفارش ڪئي آهي.