ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مڇرڪالوني ۾ مڇريل هجوم طرفان ٽيليڪام ڪمپني جي  2 ملازمن کي بيدردي سان ماري لاشن جي بيحرمتي ڪرڻ جو  انڪشاف،  ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مڇرڪالوني واقعو باقاعده سازش ۽ منصوبابندي  تحت نه ٿيو پر  هن واقعي کي اتفاقي به نٿو چئي سگھجي، ڇاڪاڻ ته هجوم کي بعد ۾ خبر پئجي چڪي هئي ته ٻئي ڄڻا ڏوهاري ناهن،  انهي باوجود هجوم ٻنهي ملازمن کي بيدردي سان ماري ڇڏيو، واقعي ۾ ملوث 34 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪالوني ۾ رهندڙ غيرقانوني ماڻهن جي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ مددگار ون فائيو کي اينٽي رائيٽ فورس واري ٽريننگ، ٽيئر گيس گن ۽ ٻيو سامان  ڏنو ويندو ته جيئن اها هجومن يا جٿن کي ڇڙوڇڙ ڪري سگھي