ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي 23 ضلعن ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل سرڪاري اسڪولن ۽ تعليم کاتي جي آفيسن جي ابتدائي سروي رپورٽ تعليم واري  صوبائي وزير حوالي،  100 ارب رپين جو نقصان ظاهر، 12 هزار 442 اسڪولن جي عمارن کي نقصان پهتو، 4 هزار 869 سرڪاري اسڪول ۽ تعليم کاتي جون سرڪاري آفيسون برساتن سبب مڪمل طور تي تباھ، سنڌ حڪومت پاران اسڪولي عمارتن جي مڪمل بحالي تائين صوبي ۾ 15 هزار ٽينٽ اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  تازين برساتن ۾ سنڌ جي 23  ضلعن ۾ سرڪاري اسڪولن جي عمارتن کي پهتل  نقصانن جي سروي ڪرڻ بعد ابتدائي رپورٽ تعليم پ واري صوبائي وزير  سردار شاھ حوالي ڪئي وئي آهي، ابتدائي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته تازين برساتن ۾ 12442  سرڪاري اسڪولن کي نقصان رسيو آهي، جن مان 4869  اسڪولي عمارتون مڪمل طور تي تباھه ٿي ويون آهن، ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 4354 پرائمري اسڪول اسڪول مڪمل تباھ ۽ 6081 متاثر ٿيا آهن، ساڳئي ريت 278 مڊل اسڪول مڪمل تباھه ۽ 699 متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 180 سيڪنڊري اسڪول مڪمل تباھ ۽ 640 متاثر ٿيا آهن، 42 هائر سيڪنڊري اسڪول تباھ ۽ 114 متاثر ٿيا آهن، برساتن ۾ اسڪولن کانسواءِ تعليم کاتي جون 15 آفيسون مڪمل تباھ ۽ 39 آفيسون متاثر ٿيون آهن. رپورٽ موجب زبون حال ٿيل اسڪولن ۾ شاگردن کي ويهارڻ کان اڳ تڪڙي مرمت جي ضرورت آهي، ٻئي طرف  تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھه چيو ته سرڪاري اسڪولن ۽ تعليم کاتي جي آفيسن کي 100 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. متاثر اسڪولن جي مڪمل بحالي ۾ 2 کان 3 سال لڳي سگھن ٿا، اسان ٻارڙن جي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي 15 هزار ٽينٽ اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،