اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ماضي جيان ڪمزور حڪومت ملي ته قبول نه ڪندس. ٻيو ڪو چارو ناهي هن چيف اليڪشن ڪمشنر تحت ئي چونڊون وڙهڻيون پونديون. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ڪمزور هئي، مان حڪومت ۾ هيس ته تمام گهڻو دٻاءُ هو، نيب ۽ عدالتون منهنجي اختيار ۾ نه هيون، اهڙي حڪومت ملي ته ڪڏهن به قبول نه ڪندس. هن چيو ته حقيقي آزادي لاءِ فيصلائتو مارچ هن ئي مهيني ٿيندو، اڄ مخالفن جي ڪوشش آهي ته مون کي نااهل ڪرائين، جنهن لاءِ هو نوان نوان ڪيس ٺاهي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته موجوده سياسي ۽ معاشي بحران جو حل چونڊن ۾ ئي آهي، اهي اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن، عوام وٽ نٿا وڃي سگهن. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اينڪر پرسن غريده فاروقي مردن ۾ ويندي ته ساڻس ڇيڙڇاڙ ته ٿيندي. اهو ته پاڻ کي مارائڻ واري ڳالهه آهي. هن چيو ته آئون لفافو صحافي رڳو سليم صافي کي چوندو آهيان ٻئي ڪنهن کي ناهيان چوندو.