سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان ريلوي طرفان تيز گام، ھزاره ۽ بھاءُ الدين زڪريا ايڪسپريس پھرين نومبر کان ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويوآھي. اِن ڏس ۾ چيف مارڪيٽنگ مئنيجر پاڪستان ريلوي ھيڊڪوارٽر لاھور حسن طاھر بخاري طرفان جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڪراچي تيز گام ايڪسپريس، ھزاره ايڪسپريس ۽ بھاءُ الدين زڪريا ايڪسپريس پھرين نومبر کان ھلايون وينديون، جنھن لاءِ ڪراچي، سکر، ملتان، لاھور، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽس ۽ ڊائريڪٽر آءِ ٽي ھيڊڪوارٽر لاھور کي مسافر ٽرين جي آمدرفت لاءِ سموريون لازمي گهرجون وقت سر پوريون ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن. ڄاڻايل ليٽر ڊائريڪٽر جنرل آپريشنز ريلوي وزارت (ريلوي بورڊ) اسلام آباد، چيف آپريشن سپرنٽينڊنٽ پاڪستان ريلوي ھيڊڪوارٽر لاھور، چيف ڪمرشل مئنيجر پاڪستان ريلوي ھيڊڪوارٽرز سميت لاڳاپيل اختيارين ڏانھن ته ليٽر اماڻيو ويو آھي. واضح رھي ته ٻوڏ سبب مسافر ٽرين سروس متاثر ٿي ھئي، جنھن جي بحاليءَ وارو سلسلو تيزيءَ سان جاري آھي.