ڪراچي(رپورٽ : فقيرسليم ) سنڌ ڪابينا کي آدمشماري تي ڳڻتي: وزيراعليٰ  اڄ وزيرعظم آڏو خدشا رکندو: سنڌ ۾ 78 لک غريب ڪٽنبن کي رمضان ۾ سستو اٽو  ۽ 2000 رپيا ڏيڻ جو اعلان، سنڌ ۾ رٿيل ننڍي  مڪاني چونڊ کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو ٽاسڪ اي جي سنڌ حوالي، ان ڏس ۾ قانون واري صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب سان گڏ ڪابينا اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينا آدمشماري جي عمل تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ حڪومت هن وقت تائين وفاقي حڪومت جي ورتل قدمن مان مطمئن ناهي، جيڪڏهن سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته آدمشماري سواليه نشان بڻجي ويندي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا جي ميمبرن اجلاس ۾ آدمشماري وارو معاملو اٿاريو،  جنهن تي وزيراعليٰ چيو ته هن اڳ ئي اهو معاملو مختلف فورمن  ۽ وزيراعظم وٽ اٿاريو آهي. اڄ  هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم کي سنڌ ڪابينا جي خدشن بابت آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته گذريل آدمشماري 2017ع ۾ به سنڌ سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي هئي، جنهن کي سنڌ حڪومت قبول ناهي ڪيو. سنڌ اڄ به ڊجيٽل آدمشماري جي عمل مان مطمئن ناهي، اسين سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت کي خدشا ختم ڪرڻ گهرجن ته جيئن بي اعتمادي جي فضا قائم نه ٿئي، هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو به آدمشماري تي پنهنجا خدشا واضح ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ ۾ مڪاني ننڍي چونڊ روڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ وڃڻ بابت سوال تي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صوبي ۾ ڪائونسلز مڪمل ٿيڻ بعد ميئرن  ۽ ضلعي چيئرمين جون چونڊون جلد ٿيڻ گهرجن،  انهن لاءِ ننڍي مڪاني چونڊن جو انتظار نه ڪيو وڃي،  اختيارن جي منتقلي ٿيڻ بعد چونڊيل مڪاني نمائندا عوام جا مسئلا حل ڪري سگهن. هن چيو ته مون  ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، ننڍي مڪاني چونڊ معاملي تي پٽيشن داخل ڪئي ويندي، هن چيو ته  ڪراچي ۾ هاڻ ڪو ٿنڊر اسڪواڊ ( قاتلن جو جٿو )  ناهي، لوڪل ڪائونسلن ۾  فيصلا اڪثريت جي بنياد تي ٿيندا، اهي ئي جمهوريت جا اصول آهن، هن چيو ته هينئر تائين جي زميني حقيقتن مطابق سمورين سازشن باوجود ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثريتي جماعت پيپلز پارٽي آهي، جنهن کي صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿي آهي،  هنن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير تي 70 ارب رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته برسات متاثر هارين ۽ آبادگارن کي ٻج جي مد ۾ امداد طور 8 ارب رپيا ڏنا ويا آهن.. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جي ڀاڙن تي نظرثاني ( واڌ)  واري  ايجنڊا به شامل هئي پر وزيراعليٰ عيد تائين  ساڳيا ڀاڙا برقرار رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ته جيئن عوام کي مهانگائي جي طوفان ۾ وڌ کان وڌ رليف پهچائي سگهي.  صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته  سنڌ حڪومت ِ 78 لک 10 هزار 482  خاندانن کي رعايتي اگهن تي سستو اٽو فراهم ڪرڻ  کانسواءِ 2-2 هزار رپيا  في خاندان ڏيڻ لاءِ 15.6 ارب  رپين جي رمضان پيڪيج جي منظوري ڏني آهي،  اها رقم بينظير انڪم سپورٽ ذريعي 50 هزار کان گهٽ آمدني رکندڙ خاندان کي سندن موبائل فون ذريعي وصول ٿيندڙ ميسيج بعد  ادا ڪئي ويندي، ميسيج نه ملڻ جي صورت ۾ مستحق 8171 تي ميسيج ڪري پاڻ کي رجسٽر ڪرائي سگهندا، اهو رليف بي آءِ ايس پي ۽ حبيب بينڪ ذريعي حقدارن تائين پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن وقت بي آءِ ايس پي جي ڊيٽا ۾ 78 لک خاندان آهن، جيڪڏهن اهو انگ  هڪ ڪروڙ به ٿي وڃي ٿو ته سنڌ حڪومت انهن کي رليف فراهم ڪندي. وزير اعليٰ سنڌ چيف سيڪريٽري کي اهڙو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، ٻن کان چئن ڏينهن ۾ عوام کي بي  آءِ ايس پي کان 2000 رپيا منتقلي جو عمل شروع ٿي ويندو،