ڪراچي: سنڌ ۾ ذخيرا اندوزن ۽ منافعي خورن خلاف ڪارروائي لاءِ آرڊيننس لاڳو  ڪرڻ جو فيصلو  سنڌ ڪابينا جي فيصلي مطابق  سنڌ جي گورنر کي  آرڊيننس جو مسودو موڪليو پيو وڃي، آرڊيننس ذريعي خوراڪ  ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويندا، آرڊيننس ۾ سرڪاري اگهن کان وڌيڪ قيمتن تي شيون وڪرو ڪرڻ تي ڏنڊ جي رقم وڌائڻ، گرفتاري، شيون ضبط ڪرڻ ۽ انهن کي نيلام ڪرڻ جا اختيار شامل ڪيا ويندا. انهي کان اڳ رڳو اسسٽنٽ ڪمشنرن کي مئجسٽريٽي اختيار هئا، سنڌ حڪومت بيورو آف سپلاءَ کي پڻ اهڙا اختيار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.  سرڪاري قيمتن کان وڌيڪ اگهن تي شيون وڪرو ڪرڻ وارا دڪان سيل ڪيا ويندا، انهن تي  10 لک روپين تائين ڏنڊ پڻ هنيو ويندو. هن وقت ڏنڊ گهٽ هجڻ ڪري اڪثر منافعي خور 2 لک روپيا ڪمائي  رڳو 10 هزار روپيا ڏنڊ ڏيندا آهن. ان حوالي سان صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صرف ڏنڊ جي رقم وڌائي نه پئي وڃي پر سامان به ضبط ڪري نيلام ڪيو ويندو. سنڌ ڪابينا سنڌ ۾ تعلقي سطح تي بچت بازارون پڻ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جا انتظام ضلعي انتظاميا ڪندي، جڏهن ته صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز نگراني ڪندا