ڪراچي: سنڌ ڪابينا سنڌ ايمرجنسي سروس ريسڪيو 1122 قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اجلاس ۾ پيش ڪيل مسودي مطابق سنڌ ۾ ايمرجنسي ريسپانس سروس ناهي، هن وقت  رڳو خيراتي يا فلاحي تنظيمن تي انحصار ڪيو وڃي ٿو، ڪنهن به حادثي کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارا آپريشن ڪرڻ لاءِ مناسب انتظام ناهن ۽  نه ئي انهن ۾ اها صلاحيت آهي، انهي ڪري ريسيڪيو 1122 ۾ ايمبولينس، واٽر ريسڪيو، فائر فائٽنگ، اربن سرچ اينڊ ريسڪيو، بلڊنگ سيفٽي، موٽر بائيڪ ريسيڪيو سروس، ڪميونٽي سيفٽي ، سرڪاري ادارن ۽ اسڪولن ۾ تربيت، بيسڪ لائيف سپورٽ لاءِ سرٽيفڪيشن فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ريسڪيو 1122 هيٺ ڪراچي ۾ 6 ريسڪيو اسٽيشنز  ليپروسي اسپتال لانڍي، شاهه فيصل، مين هاڪس بي، گلشن اقبال  ۽ ماڙيپور ۾ قائم ڪيون وينديون، جڏهن ته  صوبي جي هر ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ ريسڪيو سينٽر قائم  ٿيندا، ان حوالي سان حيدرآباد ۾ ٿڌي سڙڪ، لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، ميرپورخاص ۾ پي ڊي ايم اي آفيس ۽ سکر ۾ به پي ڊي ايم اي ويئر هائوس کي ريسڪيو سروسز جي فراهمي لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ريسڪيو عملي لاءِ نئين ڊريس متعارف ڪرائي ويندي، ان حوالي سان 405 ڪيڊيٽس نيشنل ريسڪيو اڪيڊمي پنجاب مان تربيت حاصل  ڪري آيا آهن،ڪابينا مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهو بل جلد اسيمبلي ۾ پيش ٿيندو، اجلاس ۾ وڏي وزير بحالي واري کاتي کي ٽن مهينن اندر سيٽلائيٽ اسٽيشن قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.