موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل: بئنڪنگ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار

0
226
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي  سمورن کاتن ۾ ڀرتين کان فوري طور تي روڪي ڇڏيو، اشتهار به معطل
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي  سمورن کاتن ۾ ڀرتين کان فوري طور تي روڪي ڇڏيو، اشتهار به معطل

ڪراچي: موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حيدرآباد-سکر موٽروي ۾ 3ارب رپين جي ڪرپشن اسڪينڊل جي ٻڌڻي، نوشهرو فيروز بئنڪ جي مئنيجر مختيار چانڊيو ۽ سعود الحق جي  ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي

سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنڪنگ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌهاءِڪورٽ ضمانت واري درخواست تي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ معاملو ٽرائل ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ٽرائل ڪورٽ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪري 10ڏينهن اندر فيصلو ڪري، ٽرائل ڪورٽ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي

سرڪاري وڪيل استدعا ڪئي ته ڪيس تمام وڏو آهي، معاملو  نيب ڏانهن اماڻيو وڃي، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته اڄ ڪلهه سڄو ڪم ايف آءِ اي ڪري رهيو آهي، وڏن ڪيسن ۾ پنجن مهينن تائين چالان ئي پيش نه ٿو ڪيو وڃي

ايف آءِ اي جو چوڻ هو ته جوابدار سعود الحق اڳوڻي ڊپٽي  ڪمشنر تاشفين عالم جو  ويجهو مائٽ آهي

هي به پڙهندا

موٽر وي اسڪينڊل جي سهولتڪار عاشق ڪليري وٽان وڌيڪ 29 ڪروڙ هٿ: ضياءَ لنجار جي وضاحت