ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ تعاون ضروري آهي، سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت جي توانائي سان لاڳاپيل ادارن)  اوگرا  ۽ سوئي سدرن) ۾ نمائندگي ڏني ويندي، سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ جي لکيل خط تي ڪالهه جوابي خط لکي وفاقي وزير چيو آهي ته  اڳوڻي حڪومت ۾ خط جو جواب ڏيڻ جي روايت نه هئي، ٻئي طرف صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته صوبن ۽ وفاق ۾ اعتماد جو فقدان هو، توانائي واري وفاقي وزارت تي ڪجهه نااهل ماڻهن جو قبضو هو،  پي ٽي آءِ جي دور ۾ سمورا فيصلا صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪيا ويا