برسلز(م ڊ) يورپي ڪميشن يوڪرين کي يورپي يونين جو حصو بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو ڪميشن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن سان يوڪرين جو اهم مطالبو پورو ٿي ويو آهي. ٻئي طرف روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ِآهي ته روس تي لڳل اولهه جون پابنديون ناڪام ٿي ويون آهن. اسان جي معيشت تي ان جو ڪو به اثر نه پيو آهي.