ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين ڊاڪٽر صالحه پروين ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري وئي آهي. ڊاڪٽر صالحه پروين جي طبيعت ڪجھه ڏينھن کان خراب ھئي، ھُن ڪالهھ ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي هئي، جيڪا مثبت آئي هئي، جمعي ڏينهن افطاري کانپوءِ کيس ساھ جي تڪليف وڌي وئي، جنھن تي کيس اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏنو. سندس تڏو فتح چوڪ لڳ بسم الله ٽائون حيدرآباد ۾ سندس رھائش گاھ تي وڇايو ويو، جڏھن ته سندس تدفين به ڇنڇر تي مقامي قبرستان ۾ ڪئي ويندي. ڊاڪٽر صالحه پروين جي عمر 56 سال ھئي ۽ ھوءَ گذريل پنجن سالن کان ڊين فيڪلٽي آف ايجوڪيشن طور سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رھي ھئي. ٻئي پاسي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر صالحه پروين جي اوچتي وفات تي گھري ڏک جو اظهار ڪندي سندس پونيئرن سان تعزيت ڪئي آھي. پنھنجي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو چيو ته ڊين صاحبه جي اوچتي لاڏاڻي جي خبر تي کيس دلي صدمو رسيو آهي. ھن چيو ته واقعي جي اطلاع تي ھن فوري طور سندس ور سان فون تي ڳالهايو ۽ ساڻس سندس ڏک ونڊيو. ھن چيو ته ايجوڪيشن فيڪلٽي جي ترقيءَ لاءِ ڊاڪٽر صالحه پروين جون وڏيون خدمتون آهن، جن کي ھميشه ياد رکيو ويندو.