ڪراچي : پاڪستان شهرين کي ڪورونا ويڪسين ڪندڙ دنيا جي 123 ملڪن ۾ 120 نمبر تي بيٺل آهي، هن وقت دنيا ۾ اسرائيل جو شمار پهرين نمبر تي ڪيو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي 50 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين ڪئي آهي، هن وقت تائين ملڪ ۾ 18 لک شهرين پاڻ کي ويڪسين لاءِ رجسٽرڊ ڪرايوآ هي، وفاقي سرڪار جي ذريعن موجب هلندڙ مهيني ويڪسين جون 3 کيپون ڏيهه پهچڻيون آهن، ٻئي طرف اين سي او سي ڪراچي جي وڌيڪ 2 خانگي اسپتالن انڊس ۽ تبا هرٽ انسٽيٽيوٽ کي ڪورونا ويڪسين جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، واضح رهي ته اڳ ۾ ضياءِ الدين، او ايم آءِ، سائوٿ سٽي ۽ هاشماني کي ويڪسين جي اجازت مليل هئي