سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي چئن ججن جي مقرري جو ھڪ سال وارو مدو اڄ پورو ٿي رھيو آھي . حاصل ڪيل ڄاڻ موجب جسٽس آفتاب احمد گورڙ، جسٽس فھيم احمد صديقي جي اڄ سکر بئنچ مان بدلي ٿي ويندي، اھڙي طرح جسٽس ارشاد علي شاھ ۽ جسٽس خادم حسين تنيو جي به سکر بئنچ مان بدلي ٿي ويندي. واضع رھي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي سينئر جسٽس آفتاب احمد گورڙ پورو سال اھم فيصلا ڏنا، جسٽس آفتاب احمد گورڙ ماڻھن کي ڪتن جي ڏاڙھڻ واري ڪيس ۾ اھم فيصلو ڏيندي پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر سميت ٻن ايم پي ايز جي اسمبلي جي ميمبر شپ معطل ڪئي، جنھن تي جسٽس آفتاب احمد گورڙ کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون، راڪيٽ لانچر سان اڏائڻ جون ڳالھيون ٿيون، ساڳي طرح جسٽس آفتاب احمد گورڙ ملازمن جي پينشن نه ڏيڻ تي وڏي وزير سميت سنڌ ڪابينا جي پگھار بند ڪري ڇڏي، ٻيلي کاتي، آبپاشي کاتي جي زمينن تي قبضا ختم ڪرائڻ جا فيصلا ڏنا، سرڪاري ۾ جعلسازي ڪرڻ تي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور کي عھدي تان ھٽائي ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مبين احمد جتوئي ۽ ٻين پرائيويٽ ماڻھن مٿان پڻ ڄاڻايل سرڪاري زمين واري معامري جي ايف آءِ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، سکر ۽ روھڙي شھر مان مينھن جا واڙا ڪيٽل ڪالوني منتقل ڪرڻ، قبرستانن تان قبضا ختم ڪري قبرستانن کي حفاظتي ديوار ڏياري محفوظ ڪرڻ، پوليس توڙي مختلف محڪمن جي ملازمن کي پگھارون ڏيڻ، ٽن سالن کان رولڙي جو شڪار لطيف يونيورسٽيءَ جا امتحان ڪرائڻ سميت ٻيا اھم فيصلا ڏنا، پورو سال بنا ڪنھن فرق جي فيصلا ڏيڻ ۽ عوام جي ڳالهه ڪرڻ تي جسٽس آفتاب احمد گورڙ جي عوام ۾ مقبوليت رھي.