ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس جو 17 ڏينهن کان ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن هلندڙ آهي، ڪالهه پوليس چاچڙ برادري جي 9 ڳوٺاڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن ٽڪرسبزوئي ۽ ٻين جي ٿاڪن تي چڙھائي ڪري ٿاڪن کي باهيون ڏئي ڇڏيون. پوليس موجب آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ جديد ھٿيارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ پڻ ٿي، جنهن ڪري علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڏوهاري زخمي ٿي پيا آهن، جن کي ساٿي پاڻ سان گڏ کڻي ويا.