گهوٽڪي (رپورٽر) شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي سان گڏ گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ پهچي ڪچي جو جائزو ورتو، ڊي آءِ جي سکر فدا حيسن مستوئي، ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل سان گڏجي ڪچو ٻنڊي ٽو واري علائقي ۾ پهچي شڪارپور، ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور ۽ سکر سان ملندڙ ڪچي جو جائزو ورتو. ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ڊي آءِ جي سکر فدا حيسن مستوئي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ درياءَ جي ڪناري تي 20 کان وڌيڪ پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن ۽ علائقي جي رستن کي سيل ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي چيڪنگ ڪئي پئي وڃي، ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ڪچي ۾ ڊيوٽين تي موجود پوليس اهلڪارن کان مسئلا معلوم ڪيا ۽ ڊي آءِ جي سکر جو چوڻ هو ته گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪرڻ جو مقصد شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن کي مضبوط ڪرڻ آهي، ڇو جو شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ڪچي ۾ آپريشن دوران ڏوهاري گهوٽڪي جي ڪچي ۾ اچي پناهه وٺي سگهن ٿا، ان کي روڪڻ لاءِ پوليس گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس کي اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي ۽ ڪچي ۾ آپريشن ڏوهارين جي خاتمي تائين جاري رهندو.