سرحد (ن پ ا) سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ نبي بخش بوهڙ جو نوجوان وحيدبوهڙ بازياب نه ٿي سگهيو، آھي، ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته نوجوان عورتاڻي آواز تي پاڻ وڃي ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي حد ۾ ڪچي طرف پهتو جتان کيس ڌاڙيل کڻي ويا، هوڏانهن نوجوان وحيدبوهڙ جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آھي وارث عورتون سندس جي بازيابي لاء پاڪ ڪتاب جا ورد ڪري رهيون آھن ان سلسلي ۾ نوجوان جي وارثن پاران سندس جي بازيابي لاء راڄوڻي ڪوششون به شروع ڪيون ويون آھن، جڏهن ته نوجوان جي وارثن سعيد احمد بوهڙ، ۽ عبدالمجيد بوهڙ جو چوڻ هو ته اڄ تائين وحيد بوهڙ کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سوين ماڻهن سان گڏجي قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويندو جڏهن ته سرحد پوليس جو چوڻ آھي نوجوان ٻيلو ميرپورٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيو آھي تنهن هوندي به بازيابي لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آھن.