اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان) اسلام آباد جي عدالت شعيب شيخ کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، وڪيل لطيف کوسه جوڊيشل مئجسٽريٽ عمر شبير جي عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته اڄ اسلام آبادهاءِ ڪورٽ ۾ شيعب شيخ بابت ٻڌڻي هئي ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ تان کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، هڪ ئي نوعيت جا ٻه ڪيس آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ بري ڪري ڇڏيو آهي، شعيب شيخ تي الزام هو ته ايڊيشنل سيشن جج بيان ڏنو ته مون اهڙو ڪو بيان ناهي ڏنو ته پئسا وٺي بري ڪيو، نه ڪو ثبوت آهي نه ڪو شاهد، جج ۽ ٻين 25 جوابدارن کي به گرفتار نه ڪيو ويو صرف شعيب شيخ کي گرفتار ڪيو ويو، وڪيل شعيب شيخ کي ڪيس مان ڊسچارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جاچ آفيسر چيو ته جاچ ڪئي آهي، جج جي بينڪ اڪائونٽ ۾ ٽرانزيڪشن ٿي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انڪوائري جو حڪم ڏنو، جيل ۾ هجڻ باوجود رشوت موڪلي وئي، شعيب شيخ چيو ته برگيڊيئر طاهر رشوت ڏني، رشوت ڏيندڙ برگيڊيئر آهي رشوت وٺندڙ جج آهي ان ۾ منهنجو ڪو تعلق ناهي. برگيڊيئر کي گرفتار ڪيو وڃي. ايف آءِ اي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت شعيب شيخ جو 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو. هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي  پاران جعلي ڊگري ڪيس ۾ ثبوت پيش نه ڪرڻ تان ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران  جسٽس عمر سيال نيب جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان 8 سال اڳ اهي ڳالهيون ڇو نه ڪيون؟ اهي ماڻهو 8 سالن کان ڪيسن کي منھن ڏئي رھيا آهن، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته مونکي پھريان آن لائين ايجوڪيشن جي خبر نه ھئي، جسٽس عمر سيال چيو ته اهڙي حرڪت سان  ملڪ جي بدنامي ٿي ھوندي، عدالت جاچ آفيسر جي بيان کانپوءِ سمورن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.