اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر جي قائد اعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، صدر سرچ ڪاميٽي جي سفارشن تي ٽن اميدوارن جو تفصيلي انٽرويو ڪيو هو،  سرچ ڪاميٽي نياز احمد اختر، راحيل قمر ۽ فضل خالد جا نالا تجويز ڪيا هئا، صدر وائيس چانسلر جي مقرري جي منظوري قائد اعظم يونيورسٽي ايڪٽ تحت ڏني آهي.