سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

0
370

ڪراچي/اسلام آباد (بيورو رپورٽ/اسٽاف رپورٽر)سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ عيد الفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، سانگهڙ، مٽياري ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز ادا ڪئي وئي، ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ به ايس او پيز سان عيد نماز ادا ڪئي وئي، ٽائيم نيوز طرفان ڏسندڙن کي عيد جون واڌايون، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي ايس او پيز سان عيد نماز جي ادائگي، ڪٿي وري ماسڪ ۽ سماجي وٿي نظرانداز، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ عيد نماز دوران ماسڪ سان عيد نماز جي ادائگي بعد شهرين هڪٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏنيون، نواب شاهه ۾ عيد نماز دوران شهرين ماسڪ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻو جي مختلف علائقن ۾ عيد نماز دوران شهرين طرفان ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ عيد نماز جي ادائگي دوران سماجي وٿي کي نظرانداز ڪيو ويو.