ڪراچي/ميرپورخاص (نمائندن وٽان) ميرپورخاص ۾ سستو اٽو وٺڻ دوران پورھيت هورسنگھه ڪولھي جي لتاڙجي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت جوڙيل ڪاميٽي 4 ڏينهن بعد وارثن وٽ پھتي ۽ بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته اڄ فوڊ کاتي جي ذميوار عملدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا، اي ڊي سي ٽو پريم چند ٻڌايو ته وارثن جا بيان وٺي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻئي پاسي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پورهيت جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي کين انتهائي افسوس ٿيو آهي، هن چيو ته پورهيت جي وارثن کي سنڌ حڪومت 10 لک رپيا ڏيندي، ھوڏانھن سنڌ سرڪار واقعي بعد ڊي ايف سي ميرپورخاص ڊاڪٽر وسيم ابڙو کي ھٽائي سندس جڳھه تي مير علي احمد ٽالپر کي نئون ڊي ايف سي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، پورھيت جي فوت ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ شهر ۾ مختلف اسٽالن تان سستو اٽو ملڻ پڻ بند ٿي ويو آھي.