ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي فلور ملز جي ڪڻڪ جي ڪوٽا وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سرڪار پاران مقرر ڪيل سيل پوائنٽس تي اٽو 65 رپيا ڪلو ۽ عام دڪانن تي 95 رپيا في ڪلو ملندو، ڪالهه اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ، خوراڪ واري وزير مڪيش چاولا ۽ فلور ملز ايسوسيئشن جي اڳواڻن گڏيل  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اٽي جو بحران سڄي ملڪ ۾ آهي، 3 صوبن  ۾ اٽي جون قيمتون وڌي ويون آهن، سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي جتي سنڌ سرڪار  65 رپيا في ڪلو جي اگهه تي اٽو فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ روزاهو 460 ٽرڪون اٽون ورهائينديون، جڏهن ته صوبي ۾ روزانو 10 ڪلو جا اٽي جا  6 لک ٿيلها فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت سستي اٽي تي اربين رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ قيادت خوراڪ واري وزير مڪيش چاولا کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري اسٽالن سميت اوپن مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمتن کي ڪنٽرول ۾ آندو وڃي، اسان فلور ملز جي ڪڻڪ ڪوٽا وڌائي آهي، هڪ ٻن  ڏينهن ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمت 150 کان گهٽجي 95 رپيا في ڪلو تي اچي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪڻڪ جو وافر ذخيرو موجود آهي، وزيراعليٰ مراد شاهه ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي اٽو ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، صوبائي وزير چيو ته قانون تحت ڪڻڪ جي ٻين صوبن ڏانهن منتقلي تي ڪابه پابندي ناهي، حڪومت ڪڻڪ جي بين الصوبائي منتقلي تي پابندي صورتحال کي نظر۾ رکندي لڳائيندي آهي، سنڌ حڪومت  نئين ڪڻڪ جي 4000 رپيا في مڻ امدادي قيمت مقرر ڪئي، جنهن تي شروعات ۾ تنقيد ٿي، هاڻي ٻيا صوبا پڻ اسان جيفيصلي جي تعريف ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پرڏيهه مان گهرايل ڪڻڪ 9000 رپيا في مڻ  ملي ٿي،  جيڪا معياري پڻ ناهي، اها  مقامي ڪڻڪ سان مڪس ڪري استعمال ڪئي ويندي آهي، اهڙي صورت ۾  اسان پنهنجي هاري کي 4000 رپيا ڇو نه ڏيون؟ ان موقعي تي خوراڪ واري وزير مڪيش چاولا چيو ته اسان فلور ملن جي ڪڻڪ جي ڪوٽا وڌائي آهي، ٻن ڏينهن۾ اوپن مارڪيٽ ۾ اٽو 150 رپين کان گهٽجي 95 رپين تي اچي ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ وافر مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي. جڏهن ته فلور ملز وٽ پنهنجو خانگي اسٽاڪ پڻ موجود آهي. ڪالهه رات جهاز ڪڻڪ کڻي ڪراچي پهچي چڪو آهي، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته  عالمي بينڪ  کان ملندڙ 2 ارب ڊالر صوبي جي آبپاشي نظام۽ روڊن جي بحالي، 1122 فلڊ ايمرجنسي ۽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ کي ضلعي سطح تي مضبوط ڪرڻ۽ ڊٺل گهرن جي ٻيھر تعمير  تي خرچ ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ  تحت اڄ کان حيدرآباد جي وسندي قاسم آباد ۽ ڪوٽڙي سٽي ۾ ترڪ ڪمپني صفائي آپريشن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جا ڪراچي ۾ ٻه ميئر رهيا، نسله ٽاور به سندن مهرباني هو، شهرين کي سڀ ڪجهه ياد آهي