حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ اٽي جي في ڪلو جو اگهه 75 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي منظوري بعد اٽي جو في ڪلو 75 رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ٿيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اٽي جو اهو نئون اگهه چڪي ۽ فلور ملز جي ريزڪي وڪري تي لاڳو ٿيندو. اهو اگهه تيستائين برقرار رهندو جيستائين اٽي جي چڪين ۽ فلور ملز کي ڪڻڪ جي سرڪاري ڪوٽا فراهم ٿي رهي آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومري نوٽيفڪيشن بعد پنهنجي ضلعي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلائي اينڊ پرائيز حيدرآباد ۽ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر کي هدايت ڏني آهي ته هو اٽي جي نون اگهن تي عمل ڪرائين ۽ عمل نه ڪندڙ دڪاندارن خلاف سختي سان ڪارروائي ڪن.