سکر: واڙن جي مالڪن جو چوڻ آهي ته وڏو عرصو گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا توڙي لاڳاپيل اختيارين جي عدم دلچسپي، بي ڌياني ۽ لاپرواهيءَ سبب ڪيٽل ڪالونيءَ ۾ بجلي، ڊرينيج، روڊن رستن، سيڪيورٽي ۽ پاڻي جي سهولت مهيا ناهي ڪئي وئي، مالوندن طرفان لکين رپيا خرچ ڪيا ويا، پر انتظاميا حددخلين جي آڙ ۾ واڙن جي مالڪن جو وڏو نقصان ڪيو آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد ناصر حسين شاه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ لاڳاپيل اخيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪيٽل ڪالونيءَ ۾ جاري ترقياتي ڪم فوري طور تي مڪمل ڪري واڙن جي مالڪن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.