سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ڪيٽل ڪالونيءَ جي مالوندن ضلعي انتظاميا جي ناانصافين ۽ سھولتن جي کوٽ خلاف چوپايو مال بيھاري سکر کان ڪوئيٽا ويندڙ نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي مڪمل طور بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڪيٽل ڪالونيءَ سامھون نيشنل ھاءِ وي تي لڳل ڌرڻي سبب ٻنھي طرفن کان ٽريفڪ مڪمل طور بلاڪ ٿي وئي. واڙن جي مالڪ مالوندن طرفان سکر جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي. اِن موقعي تي ڪيٽل ڪالوني ڊيري فارم ايسوسئيشن سکر جي صدر حاجي وزير علي مهر، سرپرست اعلي حاجي محمد حنيف صديقي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ضلعي انتظاميا ليز ھجڻ باوجود حددخليون ۽ غيرقانوني اڏاوتون ڄاڻائي اسان جو ڪروڙين رپين جو نقصان ڪري رھي آھي، اسان کي شھر مان واڙا ختم ڪري ٻاھر منتقل ڪيو ويو، اُن وقت ڪيٽل ڪالونيءَ ۾ صرف جنگ ۽ کڏا ھئا، لکين روپين جي مٽي وجھرائي پلاٽ ھموار ڪري اسان ڪيٽل ڪالوني ۾ واڙا منتقل ڪيا، ڪنھن وقت حددخلين جي آڙ ۾ اسان جو ڪروڙين روپين جو نقصان ڪيو پيو وڃي ته ڪنھن وقت ليز ھجڻ باوجود ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي، مجبور ٿي ضلعي انتظاميا جي ناانصافين خلاف روڊن تي نڪتا آھيون، ڪورٽ ۾ ڪيس ھجڻ باوجود انتظاميا اسان خلاف ڪارروايون بند ناھن ڪيون، ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن انتظاميا ناانصافين وارو سلسلو بند نه ڪيو ته ڪيٽل ڪالونيءَ ۾ بيٺل ھزارين چوپايو مال ڪاھي ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي شھر ۾ قائم واڙن ۾ منتقل ٿينداسين.ھڪ ڪلاڪ تائين روڊ بلاڪ ھجڻ سبب مسافر گاڏين جون ٻنھي طرفن کان ڊگھيون قطارون لڳي ويون، اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي سائيٽ جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جي ٽيم پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون ۽ کين يقين ڌھاني ڪرائي ته سندن مطالبا ضلعي انتظاميا تائين پچايا ويندا جنھن کان پوءِ ڪيٽل ڪالونيءَ جي مالوندن طرفان ڌرڻو ختم ڪيو ويو.