ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پرائيويٽ نرسنگ انسٽيٽيوشنز جي اڳواڻن قيوم مروت، ڪنيز فاطمه ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته نرسنگ جي خانگي ادارن ۾ سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن جي شاگردن جي داخلا تي لاڳو پابندي ختم ڪئي وڃي، ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته ٻين صوبن ۾ اهڙي پاليسي ناهي، سنڌ حڪومت صرف سنڌ جي ئي شاگردن کي نرسنگ ۾ داخلا ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ٻين صوبن جي شاگردن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، جنهن سان خانگي ادارن  ۾ نرسنگ جون سيٽون خالي رهجي وڃن ٿيون ، ڪنيز فاطمه چيو ته سندس تعلق چترال سان آهي، جتي ڪو به نرسنگ ڪاليج ناهي، ڪي پي ۾ به نرسنگ جي تعليم لاءِ ادارا ناهن، جنهن سبب اتان جا شاگرد وڏي انگ ۾ ڪراچي ۾ اچي داخلا وٺن ٿا، انهي ڪري اها پابندي ختم ڪئي وڃي، ان موقعي تي وڏي وزير جي خاص معاون علي احمد جان ڳالهائيندي چيو ته سندس صلاحڪار مرتضي وهاب ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سنڌ حڪومت  پاران جلد اهو فيصلو واپس ورتو ويندو.