اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ نواز جي اڳواڻن دعويٰ ڪئي آهي ته لنڊن ۾ مريم اورنگزيب سان بدتميزي ڪندڙ 14/ ڄڻن جا پاسپورٽ ۽ نائڪوپ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان باري ۾ نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار عطاءُ الله تارڙ ٽوئيٽ ۾ مطالبو ڪيو هو ته مريم اورنگزيب سان بدتميزي ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف ڪارروائي ڪندي انهن جا پاسپورٽ ۽ نائڪوپ معطل ڪيا وڃن ۽ اهي جيڪڏهن ملڪ موٽي اچن ته انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي طرف نوازليگ جي سوشل ميڊيا ٽيم دعويٰ ڪئي آهي ته مريم اورنگزيب کي لنڊن ۾ هراسان ڪندڙ 14 ماڻهن جا پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.