ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي گرلز ھاسٽل ۾ گذريل 30 سالن کان رينجرز جي آفيس قائم ھجڻ جو انڪشاف  شاگردن پاران ھاسٽلن تان قبضا ختم ڪرائڻ جي گهر،  ڪالهه  سنڌ لٽريچر فيسٽيول جي تعليم بابت سيشن ۾ ماڊريٽر جنيد انصاري جي سوالن جا جواب ڏيندي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ چيو ته جناح اسپتال  پٺيان گرلز ھاسٽل آھي، جنهن ۾ 30 سالن کان رينجرز ويٺل آھي، قانون ۾ آھن ته تعليمي اداري جي 20 سيڪڙو شاگردن ۽ 30 سيڪڙو شاگردياڻين کي ھاسٽل جي سهولت ملڻ کپي،  مون انهي حوالي سان رينجرز جي آفيسرن سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته    رينجرز کان گرلز ھاسٽل واپس وٺون، ھن چيو ته اسان وٽ ڊگرين جي ڊوڙ ۾ تعليم نٿي ملي، سرڪاري يونيورسٽين ۾ سياسي بنيادن تي ڀرتيون ٿيل آھن، جنهن سبب بجيٽ جو وڏو حصو پگھارن ۾  وڃي ٿو، مادرعلمين ۾ پينشنرز جو انگ پڻ وڏو آھي، جيڪڏهن مادرعلميون پينشنرن کي پينشن ڏين ٿيون ته پگھارن لاءِ  پئسا نٿا بچن ، هن چيوته  ھن وقت يونيورسٽين ۾ ملازمن جي ڀرتين تي پابندي آھي جيڪو سٺو فيصلو آھي،  نامياري ليکڪ نصير ميمڻ چيو ته اها سنڌ حڪومت جي ذميواري آھي ته اها پنهنجن تعليمي ادارن جي ھاسٽلن تان قبضا ختم ڪرائي، ھن چيو ته ھتي تعليم ته آھي ڪونه،  ارننگ لاءِ  لرننگ ( ڪمائڻ لاءِ پڙهڻ ) ضروري آھي، هتي تعليمي معيار ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي رھيو آھي، آءِ بي اي جي غلام نبي ڪلھوڙو چيو ته ھتي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙ نوڪري ۽ روزگار خاطر ڊگري وٺي ٿو،  شاگردياڻي ورثا پيرزادو چيو ته مادرعلمين ۾ تعليم بدران رڳو ڊگري ملي ٿي، شاگردن جي ڪا به سياسي تربيت نٿي ٿئي،  ـ اسان کي اھا ڳالهه عام ڪرڻي پوندي ته تعليم رڳو روزگار لاءِ ضروري ناھي شاگرد جئه  ڪمار چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي فلسلفي واري شعبي کي بند ڪيو پيو وڃي، آئون پڇان ٿو ته  ڇا سنڌ ۾ فلسفي جي تعليم جي ضرورت ناھي؟