ڪراچي: بزرگ قانوندان ڪامريڊ روچي رام چيو آهي ته سنڌ واسي جديد تعليم حاصل ڪن ته جيئن جديد دور سان گڏ ھلي سگھجي ـ انهي سان گڏ انگريز دور کي به نظر ۾ رکن، جن ريل جون پٽڙيون ۽ پلون ٺاھيون، جيڪي اڄ به مضبوط ۽ پائيدار آھن سنڌ جي ھيروز کي مڃتا ڏيڻ واري سيشن ۾ ڳالهائيندي  سگا جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته آئون لمس ۾ جنرل سيڪريٽري  ھئس، حيدرآباد شھر ۾ رھندڙ  شاگردن لاءِ پوائنٽ بسن وارو مسئلو ٿيڻ تي اسان احتجاج ڪيو، جنهن تان اسان کي ريسٽيڪيٽ  ڪيو ويو، هن چيو ته ون يونٽ وقت اسانجو سڄو رڪارڊ لاھور ۾ ھو، جيڪو ون يونٽ جي خاتمي بعد ڪراچي آڻڻو ھو، انهي ڪري اسان سگا ٺاهي. ھن چيو ته اسان سگا جي پليٽ فارم تان جنرل ضياء الحق کي ھڪ يادداشت نامو موڪليو ته سنڌ جي ماڻهن کي مرڪز ۽ صوبي ۾ نوڪريون نٿيون ملن، جنهن تان مڇرجي آفيسرن تي پابندي لڳائي وئي ته ڪو به سرڪاري آفيسر سگا جو ميمبر نه ٿي سگهندو، هن چيو ته  اسان جا آفيسر مڊل ڪلاس جا ماڻهو آھن، اهي پھرين پاور جي زور تي لٺ کڻي ٿا بيھن، ڪرسي وڃڻ بعد کين  سنڌ ياد ايندي آهي، هن چيو ته  سڄي سنڌ جي تعليمي ادارن  ۾ تعيلم جو معيار ھڪ جھڙو ٿيڻ تائين ڪوٽا سسٽم جاري آهي، نامياري صحافي جي ايم مغل چيو ته جڏهن جنرل ضياء جي دور ۾ صحافين تي ظلم وڌيو ته اسان پي ايف يو جي پاران چار ڀيرا گرفتاريون پيش ڪيون،  صحافين جمهوريت ۽ قانون جي بالا دستي لاءِ اھم ڪردار ڪيو،  اڄ به صحافتي تنظيمن کي اهو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، نامياري صحافي ۽ ليکڪ يوسف شاھين چيو ته اسانکي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي لاءِ سچائي سان جدوجهد ڪرڻ گھرجي.