سنڌ جي زمينن کي تين وال ڪندڙ ۽ تاريخ تي ھڪ نظر

0
101
اپوزيشن اسيمبليون ٽوڙڻ تي ... وفاقي حڪومت عدم اعتماد لاءِ اڳڀرو، دنگ ڪٿي ٿيندو؟

 جتي سنڌ کي افغانين، بنگالين، برمين، بھارين  جي يلغار نقصان ڏنو آھي اتي سنڌڙي کي چنيسر جي ڪجھه روحاني پوئلڳ ڀوتارن، پيرن، ميرن، وڏن گادي نشينن  پنھنجي انا، عيش عشرت، ھٺ وڏائي کي برقرار رکڻ خاطر سنڌ جون زمينون ڪوڙن ڪاغذن تي رڳو پاڻ ۽ پنھنجي پٽن، ڌيئن، خاندان جي فردن،واٺن جي نالي ڪري وڏو نقصان ڏنو آھي، ٻئي  طرف ساڳي ٽولي مختلف لينڊ مافيائن کي اھي زمينون وڪڻي   غريب ماڻھن جا  روزگار جا موقعا بند ڪري انھن  کي غلام رکي ھميشه انساني ڪنڌ جھائي پنھنجي پيرن تي ھٿ رکائڻ جو عادي ڪيو آھي جيئن اھي غريب ڪنڌ مٿي کڻي معاشري ۾ سٺي تعليم حاصل ڪري سماج ۾ ھلي عزت واري زندگي گذاري يا سٺي روزي ڪمائي نه سگھن.منھنجو مقصد مٿي ذڪر ڪيل  اھي سڀ ڀوتار ناھن پر ڪجھه اھڙا آھن انھن طرف منھنجو اشارو آھي جيڪي عام غريب جي ترقي ۾ رڪاوٽ آھن، دنيا  ھن وقت 21 صدي ۾ ھلي پئي پر اسان وٽ ڀوتارن پاران رائج ڪيل بيجا عقيدت،خوامخواه  جي نوڙت ۽ جي حضوري جي روايت،  غريب ۽ عام خلق خدائي جي سخت حوصلا شڪني ڪئي آھي.

برصغير جي ورھاڱي وقت جن ماڻھن کي  ميرن پيرن ڀوتارن  جي ۾ جايون ڏيئي زمينون  جايون ڏيئي   روزگار جا موقعا ڏنا اتي مقامي مسڪينن جي سخت حق تلفي ٿي سندن لاءِ شھر وسنديون تنگ ٿيون سندن روزگار جو  استحصال ٿيو پر اڄ  نتيجو اھو نڪتو آھي ھاڻي  اھي  ساڳيا ٻاھريان آيل مسلمان  ڪڏھن ڪڏھن الڳ علائقي جي گھر ڪن ٿا ۽ سنڌ جي  ڀوتارن جي ان  عقل، فھم ۽ عمل سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن کي سخت کان سخت نقصان ڏنو آھي. ساڳئي وقت اترادي، لاڙي، ٿري، بلوچ، سماٽ جي شوشي جي تخليق به انھن وڏيرن پاران ڪئي وئي آهي جيئن مڊل ڪلاس يا لوئر مڊل ڪلاس سدائين نفرتن جھيڙن مصروف رھي ۽ ھو پنھنجو مقصد آرام سان حاصل ڪري سگھن پر غريب عوام کي انھن جي ھر پلان ناڪام ڪرڻ لاءِ ھاڻي اڳيان اچڻ جي ضرورت آھي. انگريزن جي دور ۾ ميرن پيرن ڀوتارن اھي سڀئي پنھنجون جاگيرون نه فقط   واپس ڪرايون پر ان کان علاہ ھزارن جي تعداد ۾ انگريز جي ڪمداري ڪندڙن کي به جاگيرون مليون تقريبن اھي   خاندان اڄ به سياست تي ڇانيل آھن  پر لوڙيو، ڀوڳيو  مسڪينن عزتدارن حق جي ڳالھه ڪندڙ مزاحمت ڪندڙن. انھن  مزاحمت ڪندڙ جي جيڪڏھن تڪ تور ڪنداسين ته انھن ۾ راشدي  خاندان جي پير صغبت الله شاھ راشدي  ۽ ان جي حر گوريلا فورس جي  مزاحمت ۽ قرباني سرفھرت آھي ان وقت  پير سائين ۽ ھن جي حرن جان جو نظرانو ڏنو پر  انگريز سرڪار جي آڻ نه مڃيائون، گڙنگ بنگلو اڄ انھن مزاحمتي مٿيرن جي تاريخ ٻڌائي ٿو.

بھرحال اچون ٿا سنڌ جي موجودہ ڪجھه  ڀوتارن جي ھڪ مخصوص وڏيرڪي ٽولي ڏانهن جيڪو ڌرتي نيلام ڪري بيروت بنائڻ گھري ٿو. ڪراچي کان، ڄامشورو، حيدرآباد تائين  سپر ھاءِ وي  جي ٻنھي پاسن تي ۽ ڪراچي کان وٺي ٺٽي  ۽ حيدر آباد روڊ ۽ بدين جي پاسي ۾ پيل زمينون غير مقامي سرمائيدارن کي وڪرو ڪيون پيون وڃن. ڀوتار، جاگيردار سنڌ جا حاڪم بڻيل آھن ھنن جي سوچ به اھڙي آھي ھو غريبن جو رت چوسي پاڻ ۽ پنھنجي اولاد جي  عياشي جو بندوبست ڪن ٿا پر جيڪڏھن ڪنھن مسڪين جو پٽ يا ڪا ڌيءَ  پڙھندي آھي ته ان جي پڙھائي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جا ڪافي حربا استعمال ڪندا آھن. ننڍن کاتيدارن ۽ شريفن جي زمينن تي قبضو ڪري پنھنجي نالي ڪرڻ تي وڏيرو فخر محسوس ڪري ٿو ۽ ان کي پنھنجو جائز حق سمجھي ٿو، پر ڪير غريب رڳو ٻه جريب زمين جا خريد ڪيا ھن جو رت ايستائين پيتو ويندو جيستائين اھي 2 جريب سندن حوالي نٿا ڪيا وڃن. ھونئن ته سڄي سنڌ جو اھو حال آھي پر ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ڳنڍيندڙ سپر ھاءِ وي جي ٻنھي پاسن کان پيل زمين تي سون سالن کان مسڪين رھندا ھئا ڀلي ڪھڙو به ڏڪار ھجي پر اھي ماڻھو پنھنجن پڊن تي پنھنجو ساھه ڇڏيندا ھئا بک ڏک تڪليف افلاس ھوندي به ھو اھا ڌرتي ڇڏڻ تي راضي نه ھئا ڇوته  ان خطي ۾ مل پالاري جھڙي مھان مھمان نواز ڪچھري جي ڪوڏئي  مڙسن جون يادون ۽ پيرن جا رند(نشان) اڄ به موجود آھن ۽ طالب پالاري جي مورن ۽ سرندي جي آواز جا پڙاڏا اڃا به ڪاري ارھه جبل، بولا خان، سري، مول نوري آباد سپر ھاءِ وي جي ٻنھي پاسن کان گونجي رھيا آھن.

جھمپير جي کجين جي تاڙي اڄ به ان ساڳئي رنگ روپ ۾ موجود آھي ۽ انھن تي حسن درس جي شاعري جا  عڪس اولڙا اڃا تائين انھن  وڻن تي موجود آھن ۽ اھا  ريل جي ڪوڪ  اڄ ساڳي موجود آھي سا ٻڌي اتي اڄ به مارو سرھا ٿيندا آھن  پر افسوس سندن  پاسي ۾ قائم ونڊ پاور ملن ۾ سندن ماڻھن کي روزگار جا موقعا گھٽ ملن ٿا پر جڏھن کان بحريا ٽائون جھڙن منصوبن منھن ڪڍيو آھي اتي ان غريبن لاءِ اھا زمين  تپي ٽامو ٿي سوڙھي ۽ تنگ به ٿي پئي آھي. ھنن جي زمينن تي لالچي ڀوتارن ۽ انھن جي ڇاڙتن  ڪوڙا کاتا ڪرائي زمينون پنھنجي نالي ڪري وڪڻڻ شروع ڪيون  آھن ان ڪري ماروئڙا  پنھنجا قبرستان، کوھه، مال جا چراھه گاھه، اجھو ڇڏڻ تي مجبور بڻيل آھن. وقت سپر ھاءِ وي ويجھو جابلو علائقو فلسطين جي مھاجرن وارو ڏيک ڏيئي رھيو آھي. مارو مال متاع ۽ گھر گھاٽ لاءِ پريشان آھن. انڪشاف ٿيو آھي ته  زمينن جا اگهه  وڏا ھجڻ ڪري مقامي  ڀوتار علائقي ۾ سرگرم عمل  آھن جيڪي مسڪينن جون  زمينون ٺڳين تي حاصل ڪري  اڳتي ڪنھن سرمائيدار، ڪنھن وڏي بلڊر کي وڏي قيمت ۾ وڪرو ڪري رھيا آھن. ساڳي حالت ٺٽي ضلعي جي باقي علائقن جي آھي اتي اطلاع آھن وڏن شھرن جي وڏن سرمائيدارن سمنڊ جي پاڻي ۾ ٻڏل زمينن جا ڪوڙا کاتا ٺاھي پنھنجي نالي  ڪرائي ڇڏيا آھن. مجموعي طور تي اھڙن سيڙپڪارن، سرمائيدارن وياج خورن ڪراچي کان حيدر آباد ويندڙ سپر ھاءِ وي، ڪراچي کان ڌاٻيجي، گھارو، گجو، ٽٺي کان، سجاول ۽ بدين تائين روڊن  جي ٻنھي طرفن، تي ديرا ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن انھن جي آمد تي مقامي بروڪرن  دلالن  جي چاندي ٿي پئي آھي تن کي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي. ھو مٿي ذڪر ڪيل  شاھراھن کي لڳندڙ زمينون ھڪ طرف قبضا ڪري انھن جا ڪوڙا کاتا ٺھرائي بلڊر مافيائن کي ڳري رقم عيوض وڪڻي رھيا آھن ٻئي طرف غريبن کان ٺڳيون ڪري زمينون خريد ڪري پوءِ پاڻ ڪروڙن رپين ۾ وڪڻن ٿا. اھڙي زميني کاتن ۾ ھيرا ڦيرا ۽ وڪري جا چرچا   ميڊيا تي عام جام آھن ان کي روڪڻ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ، ٺٽي،جھمپير،سپر ھاءِ وي جي ٻنھي پاسن واري زمين جي رڪارڊ کي تحويل ۾  وٺي سيل ڪري ڇڏيو آھي پر تنھن ھوندي به  ڪجھه اھي  خبرون به ھلن ٿيون ته مقامي روينيو  انتظاميا  جي ملي ڀڳت ڳري رشوت تي  انھن  زمينن جا سودا لڪ ڇپ سان اڃا به جاري ۽ ساري آھن. ان ڪري ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ڌرتي کي وڪري ٿيڻ کان بچائڻ خاطر سنڌ جو شعور  اڳتي اچي جيئن ڌرتي جي وڪري کي روڪي سگھجي.