ٺري ميرواھ (ن پ ا ) ٺري ميرواھ جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول اميد علي شر ۾ فرنيچر نه هجڻ سبب سوين شاگرد وڻ هيٺان زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور. ٺري ميرواھ تعلقي جي يونين ڪائونسل هنڊياري جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول اميد علي شر جا سوين شاگرد جديد دور ۾ به وڻ هيٺان پَٽَ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. اسڪول ۾ واش روم جي سهولت به موجود ناهي. ان کان علاوه چوديواري نه هجڻ سبب شاگرد هر وقت غيرمحفوظ بڻيل آهن. شاگردن عريشا، مدثر، سجاد احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ ۽ ڇت کي ڏار پوڻ ڪري وڻ هيٺيان زمين تي ويهي پڙھون ٿا. هنن ٻڌايو ته اسڪول ۾ واشروم جي سهولت نه هجڻ سبب پريشان آھيون. ڳوٺ جي نيڪ مرد ميرحسن شر ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان سلسلي ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر پرائمري قلب علي گوپانگ اعتراف ڪيو ته ڄاڻايل اسڪول سميت ڪيترن ئي اسڪولن ۾ فرنيچر موجود ئي ناهي، ان لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي لکيو آهي.